عام راءِ رسالو

عام راءِ (رسالو): هي سنڌي رسالو سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سرپرستيءَ ۾ مشهور صحافي سيد سردار علي شاههذاڪر’ جي ادارت هيٺ 1949ع ۾ حيدرآباد مان جاري ٿيو، جيڪو ماهوار نڪرندو هو. هن رسالي جو علمي ۽ ادبي حوالي سان اعليٰ معيار هو. هن رسالي ذريعي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن سبب تمام گهڻو مقبول ٿيو. پر ڪجهه ڪڙيون نڪرڻ کانپوءِ بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو